ٿيلس
ٿيلس آف مليٽس ( Thales of Miletus)، مليٽس جو ٿيلس، ھڪ ماھر فلڪيات ھو 624 قبل مسيح ۾ ايشيا مائنر يعني موجوده ترڪيءَ ۾ يوناني نوآبادي ۾ پيدا ٿيو. کيس مغربي فلسفي جو باني سمجھيو ويندو آھي، پر ھي سائنس جي ابتدائي ترقيءَ جو محرڪ ھو. کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي رياضي، طبعيات ۽ فلڪيات جو عالم تسليم ڪيو ويو. ھي ھڪ سج گرهڻ جي پيشنگوئي جي ڪري مشھور ٿيو. ان پيشنگوئي سان موجوده ترڪيءَ ۾ موجود درياءَ ھيلائس جي ڪناري تي ميڊيا وارن ماڻهن ۽ لیڊيا جي ماڻهن جي وچ ۾ شروع ٿيڻ واري جنگ کي روڪي ڇڏيو ۽ انھن جي پندرهن سالن کان ھلندڙ دشمني ختم ٿي وئي. جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳي ٿيلز اچي اعلان ڪيو تہ "ديوتا توھان جي جنگ تي ناراض آهن ۽ آھي ڪجهه دير ۾ سج کي غائب ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪڏھن توھان جنگ کان توبہ نہ ڪئي تہ ھميشہ لاءِ اوندھ ٿي ويندي".

اھڙي طرح سج گرهڻ جي ڪري کين يقين ٿي ويو ۽ جنگ ٽري وئي. سئو سال بعد ھيروڊوٽس ان واقعي کي قلمبند ڪيو. ھن 546 ق.م. ۾ وفات ڪئي.[1] ھي مشھور ست يوناني ڏاھن مان ھو. ارسطو کيس يونان جو پھريون فلاسافر سمجھندو ھو.[2][3] ھي پھريون شخص ھيو جنھن دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جي ڏندڪٿائي طريقي جي بدران نظرئي يا مفروضي يا ٻين لفظن ۾ سائنسي طريقي سان سمجھڻ جي شروعات ڪئي. رياضي ۾ ھن پھريون دفعو اھرامن جي اوچائي ۽ پاڻيءَ جي جھازن جي سمنڊ ۾ دوري ماپڻ لاءِ جاميٽري جو استعمال ڪيو.[4]
زندگي
خيال آهي ته ٿيلس شايد مليٽس ۾ 620 قبل مسيح ۾ ڄائو ھوندو.

اٿينز جي قديم ليکڪ اپالوڊورس جي خيال مطابق ٿيلس 625 ق م ۾ ڄائو.[5] [6].[5].[7] قديم يوناني ليکڪن ھن جي وڏن جي نسبت فونيشين سان پڻ ڳنڍي آهي."[8][9][10]
ٿيلس ٿيوريم

حوالا
- ↑ ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور
- ↑ Aristotle, Metaphysics Alpha, 983b18.
- ↑ سانچو:Cite DGRBM
- ↑ سانچو:Harv
- ↑ 5.0 5.1 سانچو:Cite book
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedbooks.google.com - ↑ سانچو:Cite book
- ↑ سانچو:Cite book
- ↑ سانچو:Cite web
- ↑ سانچو:Cite web