جوڙ (حساب)

testwiki طرفان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

جوڙ :سانچو:ٻيا نالا عام طور تي پلس جي نشاني (+) سان ظاھر ڪيو ويندڙ حسابن جي علم جي چئن بنيادي حسابن مان ھڪ حساب جو نالو آهي[1]. جيڪڏهن ٽي صوفن ۾ ٻہ صوف جوڙ ڪبا ته پنج صوف ٿيندا.

ٽي ۽ ٻہ صوفن جو جوڙ

جوڙ جي علامت (+) ھڪ لاطيني اڌ اکري جو لفظ آهي جيڪو "۽" جي عيوض استعمال ٿيندو ھو[1]. ھن اڌ اکري ( short hand) لفظ (+) کي جوڙ لاء بطور حسابي علامت جي علم رياضي جي ماھرن پندرھين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ھو[1]. ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات کان پوء پھريون دفعو بطور جوڙ جي نشاني جي ان علامت جو ذڪر 1489ع ۾ جوھانز وڊمين جي ڪتاب "ڪاروباري ماڻھن لاء سادو ۽ آسان حساب ڪتاب" (Behennde unnd hüpsche Rechnung auf fallen Kauffmannschaften) ۾ ڪيو ويو ھوا[1].


جوڙ جي نشاني

انگريزي ۾ جوڙ جي نشاني کي پلس (plus) چوندا آھن ۽ اھا ٻن رقمن جي وچ ۾ لکي ويندي آهي ۽ ان جي جواب کي برابر جي نشاني (=) کان پوءِ لکيو ويندو آهي. مثال طور:

1+1=2 (" ھڪ پلس ھڪ برابر آھن ٻن جي ")
2+2=4 ("ٻہ پلس ٻہ برابر آھن چار جي ")
1+2=3 ("ھڪ پلس ٻہ برابر آھن ٽن جي ")
5+4+2=11 (ٽي يا ٽن کان وڌيڪَ رقمن جي جوڙ کي لاڳيتي جوڙ چئبو آهي )
3+3+3+3=12 (ساڳي رقمن جي لاڳيتي جوڙ کي ضرب چوندا آهن )

علم رياضي ۾ جوڙ سڄن انگن ، ڏھائي وري رقمن ، اڻپور رقمن، الجبرائي رقمن وغيره جي ٿيندي آهي.

حوالا

سانچو:حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page #6