سِڌِر مساواتُن جو سرشتو

testwiki طرفان
12:30, 16 مارچ 2016ع مطابق imported>مھتاب احمد سنڌي پاران ورجاءُ
(تفاوت) → اڃا پراڻو ورجاءُ | تازو-ترين ورجاءُ (تفاوت) | اڃا نئون ورجاءُ ← (تفاوت)
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
فائل:Secretsharing-3-point.png
ٽِن ڦِرڻَن جي سِڌِر سرشتي سان سَنواٽَن جو هڪ مجموعو ملي ٿو. جڏهن ته انٽرسيڪشن جو نقطو انهن مساواتن جو گھربل حل آهي.

رياضيات ۾، سڌر مساواتن جو سرشتو (يا سڌر سرشتو) ساڳيا ئي ڦرڻا رکندڙ مساواتُن جو مجموعو آهي. مثال طور:

3x+2yz=12x2y+4z=2x+12yz=0

ٽن ڦرڻن x,y,z تي ٻڌل ٽن سڌر مساواتن جو سرشتو آهي. سڌر سرشتي جو حل ڳولڻ جو مطلب آهي ته ان ۾ موجود سمورن ڦرڻن جا اهڙا قدر لهجن جن تي سرشتي ۾ موجود سموريون مساواتون متفق هجن. 

مٿين سرشتي جي جو حل هيٺينءَ ريت آهي.


x=1y=2z=2

ڇاڪاڻ ته انهن قدرن تي ٽَئِي مساواتون متفق آهن.